سوامي رام تيرت جو جيون پرستيه

سوامي رام تيرت جو جيون پرستيه (ڪتاب):نامور پروفيسر سوامي رام تيرٿ جي جيون ڪٿا تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ وشنداس ايسرداس آهي. هن ڪتاب ۾ سوامي رام تيرٿ جي زندگيءَ ۽سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جو سرسري جائزو ورتو ويو آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ گوڪلداس ايسرداس ڀاڳيا لکيو آهي ۽ ”ڌيباچو“ ليکڪ جو لکيل آهي. ڪتاب جي مهڙ ۾ ڀلنامو ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 19 باب شامل آهن. آخري باب ۾ سوامي تيرٿ داس جي شاعري ڏني وئي آهي. هيءُ ڪتاب ڪوڙومل سنڌي ساهيته منڊل ڇپرائي پڌرو ڪيو، ڪتاب تي سال ڄاڻايل ناهي. جڏهن ته مهاڳ جي آخر ۾ 16 جنوري 1944ع لکيل آهي. ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 217 صفحا آهن. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو